خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم

خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم

خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم

خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم (Food and Agriculture Organization): هيءَ تنظيم، جنهن جو مخفف ايف. اي. او آهي، سا گڏيل قومن جي عالمي تنظيم آهي، جنهن جو مقصد عالمي سطح تي غريب ۽ پوئتي پيل ملڪن مان بک جو خاتمو آڻڻ آهي. تنظيم جي شروعات هاٽ سپرنگز ورجينيا ۾ آمريڪي صدر فرينڪلن ڊي روز ويلٽ جي گهرايل هڪ ڪانفرنس کان ٿي، جيڪا 1943ع ۾ گهرائي وئي هئي. ان ۾ 34 ملڪن جي نمائندن گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت گڏيل ڪميشن قائم ڪئي. آڪٽوبر 1945ع ۾ تنظيم جو پهريون اجلاس ڪيوبيڪ ۾ ٿيو. هن وقت 183 ملڪ هن تنظيم جا ميمبر آهن، جن جي قيادت هڪ ڊائريڪٽر جنرل ڪري ٿو. پاليسي ساز شعبي ۾ هر ملڪ جو هڪ ووٽ هوندو آهي. هر ٻن سالن کان پوءِ تنظيم جي اجلاس ۾ زرعي حوالي سان پروگرامن، بجيٽ، قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري ڏني ويندي آهي. هن تنظيم جو هيڊ ڪوارٽر روم ۾ آهي. هيءَ تنظيم پاڪستان ۾ به سماجي بهبود لاءِ ڪم ڪري ٿي. سنڌ ۾ آيل دريائي ۽ برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي بحالي لاءِ به هن تنظيم پنهنجون خدمتون ارپيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو